وچ اوڀر ڇڪتاڻ سبب ايران-روس ريلوي منصوبو ملتوي

ماسڪو -21 اپريل (اي پي پي) روس ۾ ايران جي سفير ڪاظم جلالي چيو آهي ته ايران ۾ رشت – آستارا ريلوي جي تعمير ، جيڪو انٽر نيشنل نارٿ – سان گڏ ٽرانسپورٽ جو اهم حصو آهي . وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي پيو ان لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ان منصوبي جو معاهدو ، جنهن تي پهرين اپريل تي …

ماسڪو -21 اپريل (اي پي پي) روس ۾ ايران جي سفير ڪاظم جلالي چيو آهي ته ايران ۾ رشت – آستارا ريلوي جي تعمير ، جيڪو انٽر نيشنل نارٿ – سان گڏ ٽرانسپورٽ جو اهم حصو آهي . وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي پيو ان لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ان منصوبي جو معاهدو ، جنهن تي پهرين اپريل تي صحيحيون ٿيڻيون هيون . هاڻي بعد ۾ غور هيٺ آندو ويندو . ڪاظم جلالي مطابق موجوده جاگرافيائي  ۽ سياسي صورتحال سبب عارضي رڪاوٽون پيدا ٿي ويون آهن ، جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته لاجسٽڪس جي بنيادي ڍانچي ۽ رستن کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي . هن چيو ته اها راهداري ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي پهريان کان وڌيڪ فعال  بڻائي سگهي ٿي . ان کان اڳ اپريل جي پهرين ڏينهن ۾ روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اورڪچڪ چيو هو ته ان ريلوي جي تعمير جاري آهي ، جيڪا روس ۽ ايران جي روڊن جي نيٽ ورڪ کي هڪ مضبوط نظام ۾ جوڙيندي . اها راهداري اٽڪل 7،200 ڪلوميٽر ڊگهو شاندار ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ آهي جيڪو روس جي شهر سينٽ پيٽرز برگ کان ڀارت جي بندرگاهه ممبئي تائين پکڙيل آهي .ان ۾ ٽي اهم رستا شامل آهن جنهن ۾ فرانس جو اسپين روٽ ( جنهن ۾ ريل ۽ بندرگاهون شامل آهن ) ۽ اولهه اوڀر زميني رستو شامل آهي. روس ۽ ايران مئي 2023ع ۾ ان راهداري جي اولهه روٽ جي آخري حصي، يعني رشت – آستارا ريلوي لائن جي تڪميل لاءِ دستاويزن تي صحيحيون ڪيو هيون.