ڏکڻ ڪوريا جي صدر پنهنجي وزير تي ڳجهي معلومات ظاهر ڪرڻ واري الزام کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

سيئول-21 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ انهن الزامن کي سختي سان رد ڪيو آهي، ته اتر ڪوريا سان تعلق رکندڙ سندس وزير آمريڪا جي فراهم ڪيل ڳجهي معلومات ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ان کي بي بنياد ۽ غلط قرار ڏيندي  چيو ته اهڙين دعوائن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي اتحاد واري وزير چنگ ڊونگ …

سيئول-21 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ انهن الزامن کي سختي سان رد ڪيو آهي، ته اتر ڪوريا سان تعلق رکندڙ سندس وزير آمريڪا جي فراهم ڪيل ڳجهي معلومات ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ان کي بي بنياد ۽ غلط قرار ڏيندي  چيو ته اهڙين دعوائن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي اتحاد واري وزير چنگ ڊونگ يونگ تي الزام آهي، ته هن اتر ڪوريا جي مبينه يورينيم رچاءَ واري پروگرام بابت معلومات عوامي سطح تي بيان ڪئي، جنهن کان پوءِ آمريڪا ڪجهه انٽيليجنس شيئرنگ محدود ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته صدر لي جو چوڻ آهي، ته ڪوسونگ نالي جنهن هنڌ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ان باري ۾ معلومات اڳ ئي عالمي سطح تي تحقيقاتي رپورتن ۽ ميڊيا تي موجود آهي، ان لاءِ ان کي ڳجهي معلومات جو انڪشاف قرار ڏيڻ غلط آهي، اتر ڪوريا جي حوالي سان رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي، ته هن ويجهڙائي ۾ بيلسٽڪ ميزائيل تجربا ڪيا آهن، جن تي ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جر نظر رکيل آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي دفاع واري وزير آمريڪا سان گڏ انٽيليجنس سهڪار ۾ ڪنهن وڏي تبديلي جي تصديق ناهي ڪئي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار جاري آهي. مخالف ڌر جي پارٽين اتحاد واري وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته آمريڪا سان اتحاد ۽ دفاعي سهڪار مضبوط آهي، جنهن تحت اتڪل 28500 امريڪي فوجي ڏکڻ ڪوريا ۾ مقرر آهن.