وينزويلا ۾ آمريڪي پابندين خلاف ملڪ گير احتجاجي مهم جاري

ڪراڪس-21 اپريل (اي پي پي) وينزويلا ۾ آمريڪي پابندين خلاف ملڪ گير احتجاجي مهم جاري آهي جنهن جي اڳواڻي قومي اسمبلي جو صدر جورخي روڊ ريگز ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ منعقد ريلي کي خطاب ڪندي جورخي روڊ ريگيز چيو ته پابندين جو خاتمو اڻٽر آهي ان مقصد لا قومي يڪجهتي ضروري آهي. هن عوام تي زور ڀريپ آهي ته اختلافن کي ختم ڪري گڏيل مفادن تي ڌيان …

ڪراڪس-21 اپريل (اي پي پي) وينزويلا ۾ آمريڪي پابندين خلاف ملڪ گير احتجاجي مهم جاري آهي جنهن جي اڳواڻي قومي اسمبلي جو صدر جورخي روڊ ريگز ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ منعقد ريلي کي خطاب ڪندي جورخي روڊ ريگيز چيو ته پابندين جو خاتمو اڻٽر آهي ان مقصد لا قومي يڪجهتي ضروري آهي. هن عوام تي زور ڀريپ آهي ته اختلافن کي ختم ڪري گڏيل مفادن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اها مهم 19 اپريل تي وقتي صدر ڊيلسي روڊ ريگز پاران شروع ڪئي وئي جنهن  تحت مختلف رياستن ۾ ريليون ۽ عوامي ميڙاڪ منعقد ڪيا پيا وڃن. ڊيلسي روڊ ريگز جو چوڻ آهي ته گذريل ڏهاڪي کان جاري اقتصادي پابندين ملڪ ۾ ڄاول لکين ٻارن جي بنيادي سهولتن تائين پهنچ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري انهن پابندين جو خاتمو ضروري آهي.