ٽوڪيو-21 اپريل (اي پي پي) جاپان جي صوبي اوئيتا ۾ فوجي تربيتي مشق دوران بارودي ڌماڪي ۾ ٽي ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو جاپان گرانڊ سيلف ڊفينس فورس جي تربيتي علائقي ۾ پيش آيو جتي مشق دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو ۽ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن مان 3 ڄڻا اجل شڪار ۽ هڪ زخمي آهي. اطلاع موجب متاثر …
جاپان ۾ فوجي تربيت واري هنڌ ڌماڪو، ٽي ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ زخمي

مزید خبریں
ٽوڪيو-21 اپريل (اي پي پي) جاپان جي صوبي اوئيتا ۾ فوجي تربيتي مشق دوران بارودي ڌماڪي ۾ ٽي ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو جاپان گرانڊ سيلف ڊفينس فورس جي تربيتي علائقي ۾ پيش آيو جتي مشق دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو ۽ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن مان 3 ڄڻا اجل شڪار ۽ هڪ زخمي آهي. اطلاع موجب متاثر ٿيل ماڻهن جو تعلق ٽينڪ يونٽ سان هيو جيڪي ان وقت تربيتي سرگرمين ۾ مصروف هيا. اختيارين موجب واقعي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي جڏهن ته زخمي اهلڪار کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.











