ايشيا پيسفڪ جي معاشي صورتحال دٻاءَ جو شڪار: گڏيل قومن جي رپورٽ

گڏيل قومون -21 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ موجب گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ خطي کي معاشي ترقي جي وڌندڙ عالمي ڇڪتاڻ، توانائي بحران ۽ مهانگائي سبب دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اها رپورٽ گڏيل قومن جي اداري ايسڪاپ (ايشيا پيسيفڪ بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن) جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار …

گڏيل قومون -21 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ موجب گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ خطي کي معاشي ترقي جي وڌندڙ عالمي ڇڪتاڻ، توانائي بحران ۽ مهانگائي سبب دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اها رپورٽ گڏيل قومن جي اداري ايسڪاپ (ايشيا پيسيفڪ بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن) جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار توانائي ۽ جنسن جي مارڪيٽن، واپار ۽ رسد وارن رستن کي متاثر ڪيو آهي. رپورٽ موجب 2026ع ۾ خطي جي اسرندڙ معيشتن جي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جيڪا 2025ع جي 4.6 سيڪڙو کان گهٽ آهي. اهڙي طرح مهانگائي جي شرح به وڌي 4.6  سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو آهي،جيڪا اڳ 3.5 سيڪڙو هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته خطي جي معيشت جيتوڻيڪ هاڻي به دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪرڻ واري آهي، جڏهن ته ان جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ اندروني طلب، علائقائي تعاون ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ضروري هوندو. انتونيو گوتريش رپورٽ جي ديباچي ۾ چيو آهي، ته عالمي توانائي بحران ان ڳالهه لي ظاهر ڪري ٿو ته فوسل فيول تي ڀاڙڻ عالمي معيشت کي غير مستحڪم بڻائي رهيو آهي ۽ توانائي جي متبادل ذريعن ڏانهن منتقلي اڻٽر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته گهٽ آمدني وارا ماڻهو ۽ ڪمزور طبقا  مهانگائي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا، جڏهن ته وڌندڙ قرض ۽ وياج واري بلند شرح حڪومتن جي معاشي صلاحيتن کي محدود ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي، ته توانائي جي شعبي ۾ تبديلي دوران جيڪڏهن مناسب حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ته ان سان غربت، اڻبرابري ۽ مالي دٻاءُ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.