ماسڪو _ 20 اپريل (اي پي پي ) روس جي سامونڊي شهر طواپسه ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي اختيارين ٻڌايو ته اهو حملو يوڪرين طرفان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪاري سمنڊ جي اهم بندرگاهه کي نشانو بڻايو ويو. علائقائي گورنر ٻڌايو ته حملي دوران هڪ شخص بندرگاهه تي مارجي ويو جڏهن ته …
روس جي بندرگاهه تي يوڪرين جو ڊرون حملو، هڪ شخص مارجي ويو

مزید خبریں
ماسڪو _ 20 اپريل (اي پي پي ) روس جي سامونڊي شهر طواپسه ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي اختيارين ٻڌايو ته اهو حملو يوڪرين طرفان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪاري سمنڊ جي اهم بندرگاهه کي نشانو بڻايو ويو. علائقائي گورنر ٻڌايو ته حملي دوران هڪ شخص بندرگاهه تي مارجي ويو جڏهن ته زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. رپورٽس مطابق اهو علائقو ان کان اڳ به ڊرون حملن جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي، جنهن سبب سيڪيورٽي خدشن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.











