ايران جي تيل واري واپار کي محدود ڪري ٻين لاءِ ان کي آسان بڻائڻ جون اميدون نٿيون رکي سگهجن: نائب صدر اول محمد رضا عارف

تهران -20 اپريل (اي پي پي) ايران جي نائب صدر اول محمد رضا عارف چيو آهي، ته ايران جي تيل واري واپار کي محدود ڪري ٻين لاءِ ان کي مفت يا آسان بڻائڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي نائب صدر اول ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته يا ته سڀني لاءِ تيل جي مارڪيٽن تائين آزاداڻي طور پهچ يا وري سڀني کي وڏي قيمت …

تهران -20 اپريل (اي پي پي) ايران جي نائب صدر اول محمد رضا عارف چيو آهي، ته ايران جي تيل واري واپار کي محدود ڪري ٻين لاءِ ان کي مفت يا آسان بڻائڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي نائب صدر اول ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته يا ته سڀني لاءِ تيل جي مارڪيٽن تائين آزاداڻي طور پهچ يا وري سڀني کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته عالمي ٻارڻ جي قيمتن ۾ استحڪام جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ايران ۽ ان جي اتحادين خلاف اقتصادي ۽ عسڪري دٻاءَ جو پائيدار ۽ يقيني خاتمو ٿئي.