گڏيل قومون -20 اپريل (اي پي پي) ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي تنظيم يونيسيف هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي ٻارن جي حالت زار جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن موجب لاڳيتو جنگين سبب ٻار سخت متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسيف پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جاري جنگ جي هڪ …
لاڳيتو جنگين سبب ٻار سخت متاثر ٿيا آهن: يونيسيف

مزید خبریں
گڏيل قومون -20 اپريل (اي پي پي) ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي تنظيم يونيسيف هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي ٻارن جي حالت زار جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن موجب لاڳيتو جنگين سبب ٻار سخت متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسيف پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جاري جنگ جي هڪ مهيني دوران 340 کان وڌيڪ ٻار فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن. ٻارن جي فوتگي جي حوالي سان يونيسيف جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ايران ۾ 216 فوت ۽ 1767 زخمي شامل آهن، لبنان ۾ 124 ٻار فوت ۽ 413 زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ڪويت ۾ ڪيترائي ٻار فوت، بحرين ۾ 4 ٻار زخمي ۽ اردن ۾ هڪ ٻار زخمي ٿيو آهي.











