واشنگٽن -20 اپريل (اي پي پي)آمريڪا جي خانگي خلائي ڪمپني بليو اوريجن ڪمپني ٽيون نيو گلين راڪيٽ لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اهو سيٽلائيٽ جي صحيح مدار ۾ پهچڻ ۾ ناڪام رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ۾ پهرين کان استعمال ٿيل پهرين مرحلي (فرسٽ اسٽيج) کي ٻيهر استعمال ڪري ڪاميابي سان زمين تي واپس لاٿو ويو، جڏهن ته راڪيٽ جو ٻيو مرحلو پي لوڊ مقرره مدار ۾ پهچڻ ۾ …
بليو اوريجن ڪمپني جو ٽيون نيوگلين راڪيٽ سيٽلائيٽ جي مقرره مدار جي پهچڻ ۾ ناڪام

مزید خبریں
واشنگٽن -20 اپريل (اي پي پي)آمريڪا جي خانگي خلائي ڪمپني بليو اوريجن ڪمپني ٽيون نيو گلين راڪيٽ لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اهو سيٽلائيٽ جي صحيح مدار ۾ پهچڻ ۾ ناڪام رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ۾ پهرين کان استعمال ٿيل پهرين مرحلي (فرسٽ اسٽيج) کي ٻيهر استعمال ڪري ڪاميابي سان زمين تي واپس لاٿو ويو، جڏهن ته راڪيٽ جو ٻيو مرحلو پي لوڊ مقرره مدار ۾ پهچڻ ۾ ناڪام رهيو. جنهن سبب سيٽلائيٽ استعمال جوڳي مدار ۾ داخل نه ٿي سگهيو.آمريڪي ڪمپني اي ايس ٽي اسپيس موبائيل، جيڪا ٽيڪساس جي شهر مڊ لينڊ ۾ قائم آهي، ۽ بليو برڊ 7 سيٽلائيٽ جي تياري ڪري ٿي، هڪ بيان ۾ چيو ته سيليولر ريلي اسٽيشن جو آن بورڊ پروپلشن سسٽم گهٽ اونچائي سبب گهربل توازن برقرار نه رکي سگهيو. ڪمپني چيو ته نيوگلين 3 مشن دوران بليو برڊ 7 کي لانچ وهيڪل جي اپر اسٽيج ذريعي مقرره بلندي کان گهٽ بلندي تي واقع مدار ۾ ڇڏيو ويو. جيتوڻيڪ سيٽلائيٽ راڪيٽ کان عليحده ٿيڻ بعد ڪم شروع ڪري ڇڏيو، پر اونچائي ايترو ته گهٽ هئي جو ان جو آن بورڊ ٿرسٽر سسٽم ذريعي آپريشن جاري نه پئي رکجي سگهيو، ان لاءِ هن کي ان مدار مان ڪڍيو ويندو.











