افغانستان ۾ رهائش جو سخت بحران 42 لک ماڻهن کي هنگامي امداد جي ضرورت آهي: گڏيل قومون

ڪابل -20 اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ رهائشي بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. جتي گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽاٽ موجب 2026ع دوران اٽڪل 42 لک ماڻهن کي هنگامي رهائش ۽ بنيادي امدادي سامان جي ضرورت هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب  ملڪ ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ معاشي ڏکيائين صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.جنهن سبب لکين ماڻهو محفوظ رهائش کان محروم …

ڪابل -20 اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ رهائشي بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. جتي گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽاٽ موجب 2026ع دوران اٽڪل 42 لک ماڻهن کي هنگامي رهائش ۽ بنيادي امدادي سامان جي ضرورت هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب  ملڪ ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ معاشي ڏکيائين صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.جنهن سبب لکين ماڻهو محفوظ رهائش کان محروم آهن. گڏيل قومن جي اداري پنهنجي بيان ۾ زور ڀريو ته هاڻي فوري قدم کڻڻ اڻٽر آهن ته جيئن سڀني لاءِ مناسب رهائش کي يقيني بڻائي سگهجي. انساني همدردي جي ادارن عالمي برادري کان فوري امداد جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن متاثر ماڻهن کي محفوظ رهائش فراهم ڪري سگهجي ۽ کين وڌيڪ ڏکيائين کان بچائي سگهجي. ماهرن موجب جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته افغانستان م انساني بحران وڌي سگهي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ اڳ ئي معاشي دٻاءُ ۽ قدرتي آفتن جي اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.