ميڪسيڪو ۾ ٽريفڪ حادثو، آمريڪي سفارت خاني جي ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار

ميڪسيڪو سٽي-20 اپريل (اي پي پي) ميڪسيڪو ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ آمريڪي سفارتخاني جا اهلڪار ۽ ميڪسيڪو جا اڳواڻ به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي اٽارني جنرل ٻڌايو آهي ته مارجي ويلن ۾ ميڪسيڪو جي جاچ ايجنسي جو ڊائريڪٽر به شامل هيو جيڪو سيپٽمبر 2025 ع کان ان عهدي تي فائز هيو. هو آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن سان گڏ سفر ڪري …

ميڪسيڪو سٽي-20 اپريل (اي پي پي) ميڪسيڪو ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ آمريڪي سفارتخاني جا اهلڪار ۽ ميڪسيڪو جا اڳواڻ به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي اٽارني جنرل ٻڌايو آهي ته مارجي ويلن ۾ ميڪسيڪو جي جاچ ايجنسي جو ڊائريڪٽر به شامل هيو جيڪو سيپٽمبر 2025 ع کان ان عهدي تي فائز هيو. هو آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن سان گڏ سفر ڪري رهيو هو. آمريڪي اهلڪار معمول واري تربيتي پروگرام تحت ميڪسيڪو اڳواڻن سان ڪم ڪري رهيا هيا. ميڪسيڪو ۾ آمريڪي سفير  رونالڊ جانسن سوشل ميڊيا تي تعزيت جو اظهار ڪندي ٻه طرفي سيڪيورٽي تعاون ۽ منظم ڏوهن خلاف وڙهندڙن جي درپيش خطرن کي پڻ اجاگر ڪيو.