آمريڪا سان لاڳاپا هاڻي طاقت مان ڪمزوري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن: ڪينيڊا جو وزيراعظم

اوٽاوا-20 اپريل (اي پي پي)ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن کي طاقت سمجهندا هئا سين اهي هاڻي ڪمزوري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته ڪينيڊا کي پنهنجي ڏکڻ جي پاڙيسري ملڪ پاران غير يقيني جي صورتحال تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. هن تاريخي حوالو ڏيندي 1812 جي جنگ جو ذڪر ڪيو ۽ برطانوي فوجي اڳواڻ …

اوٽاوا-20 اپريل (اي پي پي)ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن کي طاقت سمجهندا هئا سين اهي هاڻي ڪمزوري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته ڪينيڊا کي پنهنجي ڏکڻ جي پاڙيسري ملڪ پاران غير يقيني جي صورتحال تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. هن تاريخي حوالو ڏيندي 1812 جي جنگ جو ذڪر ڪيو ۽ برطانوي فوجي اڳواڻ آئزڪ بروڪ جو مثال پيش ڪيو جنهن ان جنگ ۾ آمريڪي اڳرائي خلاف دفاع ڪيو هيو. هن مقامي قبائلي اڳواڻن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. هن 1912 ۾ مختلف قومن کي گڏ ڪري آمريڪي توسيع پسندي جو مقابلو ڪيو هيو. تجزيو ڪندڙن موجب اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. آمريڪا پاران  اسٽيل، ايلومينيم ۽ گاڏين سميت ڪينيڊا جي مختلف شين جي روانگي واپار تي ٽيرف لاڳو ڪيا آهن.