نئين دهلي -20 اپريل (اي پي پي)ڀارت جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو ۾ ڦٽاڪن جي ڪارخاني ۾ ڌماڪي سبب 21 ڄڻا اجل جو شاڪر ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب تامل ناڊو جي علائقي ۾ موجود هڪ ڦٽاڪي جي ڪارخاني ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. اطلاعن موجب شديد زخمي ٿيل ماڻهن کي ويجهي اسپتال منقتل ڪيو ويو آهي. …
ڀارت ۾ ڦٽاڪن جي ڪارخاني ۾ ڌماڪو، 21 ڄڻا اجل جو شڪار، 6 زخمي

مزید خبریں
نئين دهلي -20 اپريل (اي پي پي)ڀارت جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو ۾ ڦٽاڪن جي ڪارخاني ۾ ڌماڪي سبب 21 ڄڻا اجل جو شاڪر ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب تامل ناڊو جي علائقي ۾ موجود هڪ ڦٽاڪي جي ڪارخاني ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. اطلاعن موجب شديد زخمي ٿيل ماڻهن کي ويجهي اسپتال منقتل ڪيو ويو آهي. اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پورهيت فيڪٽري اندر ڪيميائي مواد کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا. ڌماڪي وقت 4 ڪمرن ۾ 50 پورهيت موجود هيا. حڪومت فوتگين ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.











