نيويارڪ _ 20 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست لوزيانا جي اتر اولهه شهر شريو پورٽ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 8 ٻار مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صبح جو 6 وڳي واقعو پيش آيو، جڏهن شريو پورٽ پوليس جي آفيسرن کي گهريلو تڪرار جو اطلاع مليو. ان واقعي ۾ ڪل 10 ماڻهن کي گوليون لڳيون ، جنهن ۾ اهي ٻار به شامل هئا. ترجمان مطابق جوابدار ويجهي علائقي …
آمريڪا ۾ فائرنگ جو واقعو، 8 ٻار مارجي ويا

مزید خبریں
نيويارڪ _ 20 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست لوزيانا جي اتر اولهه شهر شريو پورٽ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 8 ٻار مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صبح جو 6 وڳي واقعو پيش آيو، جڏهن شريو پورٽ پوليس جي آفيسرن کي گهريلو تڪرار جو اطلاع مليو. ان واقعي ۾ ڪل 10 ماڻهن کي گوليون لڳيون ، جنهن ۾ اهي ٻار به شامل هئا. ترجمان مطابق جوابدار ويجهي علائقي ۾ هڪ گاڏي کسڻ ( ڪار هاءِ جيڪنگ ) جي واردات به ڪئي ، جنهن بعد پوليس انهن جي گاڏي جو پيڇو ڪيو . ان کان پوءِ مقابلي دوران جوابدار کي گولي هڻي ماريو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي هنڌن تي فائرنگ ڪندڙ هڪ ئي جوابدار هو ۽ گهر ۾ موجود ڪجهه ٻار سندس جا ٻار هئا. واقعي جي جاچ جاري آهي.











