آمريڪا وٽ اسان کي ائٽمي هٿيار رکڻ واري حق کان محروم ڪرڻ جو ڪو به سبب نه آهي: صدر مسعود پزشڪيان

تهران-19 اپريل(اي پي پي)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ ايران کي ان جي ائٽمي هٿيار رکڻ واري حق کان محروم رکڻ جو ڪو به سبب موجود نه آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرمپ چوي ٿو ته ايران پنهنجا ائٽمي حق استعمال نه ٿو ڪري سگهي، پر هو اهو نه ٿو ٻڌائي ته ڇو؟ هو ڪير آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ کي ان جي …

تهران-19 اپريل(اي پي پي)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ ايران کي ان جي ائٽمي هٿيار رکڻ واري حق کان محروم رکڻ جو ڪو به سبب موجود نه آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرمپ چوي ٿو ته ايران پنهنجا ائٽمي حق استعمال نه ٿو ڪري سگهي، پر هو اهو نه ٿو ٻڌائي ته ڇو؟ هو ڪير آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ کي ان جي حق کان محروم ڪري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران جنگ جو مطالبو نه ڪري رهيو آهي پر پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي.