واشنگٽن – 19 اپريل (اي پي پي) اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران سان جنگ ڏانهن ڌڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪملا هيرس ان دعويٰ لاءِ ثبوت فراهم ناهن ڪيا پر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪي عوام ان جنگ جي حق ۾ ناهي. ڪملا هيرس اهو به چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جنگ کي جيفري ايپسٽين بابت …
ڊونلڊ ٽرمپ نيتن ياهو جي دٻاءُ ۾ ايران جنگ جو حصو بڻيو: ڪملا هيرس

مزید خبریں
واشنگٽن – 19 اپريل (اي پي پي) اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران سان جنگ ڏانهن ڌڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪملا هيرس ان دعويٰ لاءِ ثبوت فراهم ناهن ڪيا پر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪي عوام ان جنگ جي حق ۾ ناهي. ڪملا هيرس اهو به چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جنگ کي جيفري ايپسٽين بابت دستاويز جاري ٿيڻ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. مشي گن ۾ ڊيموڪريٽڪ وومينز پارٽي جي هڪ پروگرام کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته هو ٻيهر صدر لاءِ چونڊ وڙهڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي. واضح رهي ته ڪملا هيرس گذريل چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کان هارائي وئي هئي.











