انڊونيشيا ۾ 5.8 شدت جو زلزلو

جڪارتا – 19 اپريل (اي پي پي) انڊونيشيا جي اتر سماٽرا جي علائقي ۾ 5.8 شدت جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا. جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز (جي ايف زيڊ) مطابق زلزلو عالمي وقت مطابق 8 لڳي 6 منٽن تي آيو. اداري مطابق زلزلي جي اونهائي اٽڪل 10 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي. شروعاتي اطلاع مطابق زلزلي سبب جاني يا مالي نقصان جو فوري طور ڪو اطلاع ناهي مليو …

جڪارتا – 19 اپريل (اي پي پي) انڊونيشيا جي اتر سماٽرا جي علائقي ۾ 5.8 شدت جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا. جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز (جي ايف زيڊ) مطابق زلزلو عالمي وقت مطابق 8 لڳي 6 منٽن تي آيو. اداري مطابق زلزلي جي اونهائي اٽڪل 10 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي. شروعاتي اطلاع مطابق زلزلي سبب جاني يا مالي نقصان جو فوري طور ڪو اطلاع ناهي مليو پر لاڳاپيل اختياريون صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن.