انقره – 19 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان اسرايل تي الزام لڳايو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي هڪ بهاني طور استعمال ڪندي وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڏکڻ ترڪيه جي شهر انطاليا ۾ هڪ سفارتي فورم کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل پنهنجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو …
اسرائيل وچ اوڀر ۾ جنگ جي بهاني وڌيڪ ايراضي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: ترڪ پرڏيهي وزير

مزید خبریں
انقره – 19 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان اسرايل تي الزام لڳايو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي هڪ بهاني طور استعمال ڪندي وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڏکڻ ترڪيه جي شهر انطاليا ۾ هڪ سفارتي فورم کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل پنهنجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو پر وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نيتن ياهو حڪومت سيڪيورٽي کي بهانو بڻائي توسيع پسنداڻا قدم کڻي رهي آهي. هاڪان فيدان مطابق اسرائيل نه رڳو فلسطيني علائقن (غزه، اولهندي ڪناري ۽ اوڀر يروشلم) تي قابض آهي پر هاڻي لبنان ۽ شام جي علائقن تي به پنهنجو ڪنٽرول وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهو مسلسل قبضو ۽ توسيع آهي جنهن کي روڪڻ ضروري آهي. هن اهو به چيو ته اسرائيل دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جو مقصد رڳو پنهنجي سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي، جيڪو هڪ گمراهه ڪندڙ تصور آهي.











