تهران - 18 اپريل (اي پي پي) ايران ڇنڇر ڏينهن پنهنجي فضائي حدن جي اوڀر حصي کي عالمي اڏامن لاءِ جزوي طور کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن ٻڌايو ته ملڪ جي اوڀر حصي ۾ فضائي رستا انهن عالمي اڏامن لاءِ کوليا ويا آهن جيڪي اڏامون ايران جي ففائي حدن مان گذر سفر ڪنديون آهن. اداري ٻڌايو ته ڪجهه هوائي اڏا به مقامي …
ايران فضائي حدن جو اوڀر حصو عالمي اڏامن لاءِ جزوي طور کولي ڇڏيو

مزید خبریں
تهران – 18 اپريل (اي پي پي) ايران ڇنڇر ڏينهن پنهنجي فضائي حدن جي اوڀر حصي کي عالمي اڏامن لاءِ جزوي طور کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن ٻڌايو ته ملڪ جي اوڀر حصي ۾ فضائي رستا انهن عالمي اڏامن لاءِ کوليا ويا آهن جيڪي اڏامون ايران جي ففائي حدن مان گذر سفر ڪنديون آهن. اداري ٻڌايو ته ڪجهه هوائي اڏا به مقامي وقت مطابق صبح 7 وڳي کان ٻيهر کوليا ويا. جڏهن ته اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ به فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽس مطابق ڪنهن به عالمي اڏام کي ايران جي فضائي حدن مان گذرندي ناهي ڏٺو ويو، جڏهن ته ڪيتريون ئي اڏامون ايران کان بچڻ لاءِ ڊگهو متبادل رستو اختيار ڪنديون رهيون.











