اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي علائقائي استحڪام لاءِ اهم ڪاميابي آهي: آمريڪا

واشنگٽن-17 اپريل(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڏينهن لبنان لاءِ تاريخي ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ طئه ٿيل  جنگ بندي معاهدي کي علائقائي استحڪام لاءِ هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن وڌيڪ چيو ته …

واشنگٽن-17 اپريل(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڏينهن لبنان لاءِ تاريخي ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ طئه ٿيل  جنگ بندي معاهدي کي علائقائي استحڪام لاءِ هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن وڌيڪ چيو ته معاملا بهتري طرف وڃي رهيا آهن.واضع رهي ته لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڏهن ڏينهن واري جنگ بندي  جي اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وڌيڪ رتو ڇاڻ نه ٿيڻ گهرجي ۽ امن قائم ٿيڻ گهرجي.