واشنگٽن-17 اپريل (اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ ۽ ورلڊ بئنڪ اٽڪل ڇهن سالن بعد وينزويلا سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ملڪ جي معيشت لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 2019ع کان معطل لاڳاپن جي بحالي بعد هاڻي وينزويلا جي معيشت جو اٽڪل ٻن ڏهاڪن کانپوءِ مڪمل جائزو وٺي سگهبو، جڏهن ته ان اڳڀرائي ذريعي اربين ڊالر ماليت جي مالي …
عالمي مالياتي فنڊ ۽ ورلڊ بئنڪ پاران ڇهن سالن بعد وينزويلا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن-17 اپريل (اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ ۽ ورلڊ بئنڪ اٽڪل ڇهن سالن بعد وينزويلا سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ملڪ جي معيشت لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 2019ع کان معطل لاڳاپن جي بحالي بعد هاڻي وينزويلا جي معيشت جو اٽڪل ٻن ڏهاڪن کانپوءِ مڪمل جائزو وٺي سگهبو، جڏهن ته ان اڳڀرائي ذريعي اربين ڊالر ماليت جي مالي وسيلن تائين پهچ به ممڪن ٿي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته ميمبر ملڪن جي اڪثريت جي راءِ جي بنياد تي ادارو هاڻي وينزويلا جي حڪومت سان ٻيهر ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا عارضي صدر ڊيلسي روڊريگز جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهي آهي.











