واشنگٽن-17 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ هڪ يا ٻن هفتن ۾ اسرائيل ۽ لبنا جي قيادت سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو ۽ لبناني صدر جوزف عون کي ڳالهين لاءِ دعوت ڏني وئي آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ٽرمپ مطابق اها امڪاني …
آمريڪي صدر پاران اسرائيل ۽ لبنان جي قيادت کي وائيٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏيڻ جي تصديق

مزید خبریں
واشنگٽن-17 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ هڪ يا ٻن هفتن ۾ اسرائيل ۽ لبنا جي قيادت سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو ۽ لبناني صدر جوزف عون کي ڳالهين لاءِ دعوت ڏني وئي آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ٽرمپ مطابق اها امڪاني ملاقات گذريل 44 سالن ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين اهم اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ لبنان ۾ موجود ايراني حمايت يافتا تنظيم حزب الله جو معاملو بحث هيٺ ايندو. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ 10 ڏينهن جي جنگ بندي جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن فوجي ڪارروائيون محدود ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڳڀرائي جي صورت ۾ ان جنگ بندي ۾ توسيع به ڪري سگهجي ٿي.











