ايران پاران لبنان ۾ جنگ بندي جي آجيان

تهران-17 اپريل (اي پي پي)ايران لبنان ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته لبنان ۾ جنگ بندي ايران لاءِ اهم اڳڀرائي آهي ۽ اهو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ڏانهن هڪ هاڪاري قدم آهي. هن لبنان ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو ڏکڻ …

تهران-17 اپريل (اي پي پي)ايران لبنان ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته لبنان ۾ جنگ بندي ايران لاءِ اهم اڳڀرائي آهي ۽ اهو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ڏانهن هڪ هاڪاري قدم آهي. هن لبنان ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو ڏکڻ لبنان مان پنهنجي فوج واپس گهرائي ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي برادري سهڪار ڪري.