اٽلي پاران اسرائيل سان دفاعي سهڪار جو معاهدو معطل

روم _15 اپريل (اي پي پي) اٽلي هاڻي اسرائيل سان دفاعي تعاون جو معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم جارجيا ميلوني ۽ سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته اٽلي اسرائيل سان پنهنجو دفاعي معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ فوجي ساز و سامان ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي مٽا سٽا شامل آهي . جارجيا ميلوني هڪ تقريب جي موقعي تي چيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت اسرائيل سان دفاعي …

روم _15 اپريل (اي پي پي) اٽلي هاڻي اسرائيل سان دفاعي تعاون جو معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم جارجيا ميلوني ۽ سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته اٽلي اسرائيل سان پنهنجو دفاعي معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ فوجي ساز و سامان ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي مٽا سٽا شامل آهي . جارجيا ميلوني هڪ تقريب جي موقعي تي چيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت اسرائيل سان دفاعي معاهدي جي پاڻ ڀري تجديد معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . اهي دفاعي صنعتون ، فوجي اهلڪارن جي تعليم ۽ تربيت ، تحقيق ۽ ترقي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار تي ٻڌل آهن . اٽلي جي حڪومت اسرائيل جي فوج تي لبنان ۾ گڏيل قومن جي اٽلي جي امن فوج جي قافلي تي گوليون هلائڻ جو الزام لاڳو ڪيو جنهن بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل هفتي کان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ مطابق اهو فيصلو سومر ڏينهن پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني، دفاع واري وزير گويڊو ڪروسٽيو ۽ نائب وزيراعظم ميٽيو سالويني کان صلاح مشورو وٺڻ بعد ڪيو ويو آهي. اسرائيل جي گهرو وزارت جي ترجمان ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں