دنيا جهنگ جي قانون طرف وڃي رهي آهي: چين

بيجنگ _ 15 اپريل(اي پي پي) چين چيو آهي ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر جهنگ جي قانون طرف واپس موٽي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر شي جن پنگ بيجنگ جي دوري تي آيل اسپين جي هم منصب پيڊرو سانچيز سان ڳالهائڻ دوران خبردار ڪيو آهي ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر “جهنگ جي قانون ” طرف واپس موٽي رهي آهي. وچ اوڀر جي جنگ طرف اشارو ڪندي هن چيو ته دنيا ڇڪتاڻ جو شڪار …

بيجنگ _ 15 اپريل(اي پي پي) چين چيو آهي ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر جهنگ جي قانون طرف واپس موٽي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر شي جن پنگ بيجنگ جي دوري تي آيل اسپين جي هم منصب پيڊرو سانچيز سان ڳالهائڻ دوران خبردار ڪيو آهي ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر “جهنگ جي قانون ” طرف واپس موٽي رهي آهي. وچ اوڀر جي جنگ طرف اشارو ڪندي هن چيو ته دنيا ڇڪتاڻ جو شڪار آهي ۽ قانون ۽ طاقت جي حڪمراني وچ ۾ رسا ڪشي جاري آهي. ملاقات دوران چين جي صدر اسپين سان سهڪار مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.