سيئول-15 اپريل (اي پي پي) انٽر نيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي(آءِ اي اي) خبردار ڪيو آهي ته اتر ڪوريا ايٽمي صلاحيت ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رافيل گروسي انڪشاف ڪيو آهي ته اتر ڪوريا پنهنجا ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي صلاحيت ۾ نمايان ۽ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ڪيو آهي. سيول ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام ۾ تيزي سا اڳڀرائي ٿي …
اتر ڪوريا ايٽمي صلاحيت ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي: آءِ اي اي

مزید خبریں
سيئول-15 اپريل (اي پي پي) انٽر نيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي(آءِ اي اي) خبردار ڪيو آهي ته اتر ڪوريا ايٽمي صلاحيت ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رافيل گروسي انڪشاف ڪيو آهي ته اتر ڪوريا پنهنجا ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي صلاحيت ۾ نمايان ۽ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ڪيو آهي. سيول ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام ۾ تيزي سا اڳڀرائي ٿي رهي آهي. خاص طور تي يونگ بيون ايٽمي ڪامپليڪس ۾ سرگرمين ۾ واضح اضافو ڏٺو ويو آهي. آءِ اي اي جي سربراهه موجب پنج ميگا واٽ جي ري ايڪٽر، ري پروسيسنگ يونٽ لائيٽ واٽر ري ايڪٽر ۽ ٻين ٺڪاڻن ۾ سرگرميون وڌي رهيو آهن جيڪي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته ملڪ پنهنجي ايٽمي صلاحيت کي وڌائي رهيو آهي. رپورٽ موجب اتر ڪوريا وٽ امڪاني طور تي درجنين ايٽمي وار هيڊز موجود آهن جڏهن ته ان پروگرام جي رفتار عالمي سطح تي ڳڻتي جوڳو سبب بڻجي رهي آهي. ٻئي پاسي اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان پاران تازن بيانن کي به ان پروگرام جي تسلسل جو اشارو قرار ڏنو پيو وڃي جنهن سان خطي ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌيڪ وڌي رهيا آهن.











