گڏيل قومون _ 15 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن سوڊان جي گهرو ويڙهه جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي خبردار ڪيو آهي ته دنيا جو بدترين انساني بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هاڻي اهو پنهنجي چوٿين سال ۾ داخل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر چيو آهي ته سوڊان هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انساني …
سوڊان جنگ چوٿين سال ۾ داخل، گڏيل قومن پاران انساني بحران سنگين ٿيڻ جي تنبيهه جاري

مزید خبریں
گڏيل قومون _ 15 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن سوڊان جي گهرو ويڙهه جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي خبردار ڪيو آهي ته دنيا جو بدترين انساني بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هاڻي اهو پنهنجي چوٿين سال ۾ داخل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر چيو آهي ته سوڊان هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انساني بحران وارو هنڌ بڻجي چڪو آهي. سندس مطابق اٽڪل 3 ڪروڙ 40 لک ماڻهو، يعني هر ٽن مان 2 ماڻهو ، انساني امداد جا محتاج آهن . جڏهن ته بک ، ٻارن ۾ شديد غذائي کوٽ ۽ عورتن خلاف تشدد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي يو اين وومين انڪشاف ڪيو آهي ته جنگ دوران صنفي تشدد جو شڪار ٿيل عورتن ۽ ٻارڙن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. اداري جي علائقائي ڊائريڪٽر انامتواني مطابق عورتن کي گهرن ۾ ئي زيادتي ۽ قتل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته لڏ پلاڻ دوران به هو شديد خطرن کي منهن ڏئي رهيون آهن. رپورٽ مطابق 43 لک کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙيون بي گهر ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته هڪ ڪروڙ 71 لک ماڻهن کي فوري انساني امداد جي ضرورت آهي . جن ۾ اڪثر کي خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولت تائين رسائي حاصل ناهي. ٻارن جي صورتحال به نهايت ڳڻتي جوڳي آهي . يونيسيف جي نمائندي مطابق هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 245 ٻار مارجي ڍڪا آهن يا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته جنگ جي شروعات کان هيستائين 5700 کان وڌيڪ سنگين ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري او سي ايڇ اي مطابق هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ڊرون حملن جي نتيجي ۾ اٽڪل 700 شهري مارجي چڪا آهن. تازن حملن ۾ وچ اوڀر دارفور ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. گڏيل قومن فوري جنگ بندي، شهرين جي تحفظ بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ فنڊنگ ۾ اضافي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ دير انساني الميي کي وڌائي ڇڏيندي.











