لاڙڪاڻو/جيڪب آباد- 13 اپريل (اي پي پي) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جکراڻي هائوس جيڪب آباد پهچي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جکراڻي هائوس پهچي قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز جکراڻي سان سندس والد مير احمد نواز المعروف بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري مرحوم بابل خان جکراڻي جي پٽن خالد …
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد پهتو، بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي سندن وارثن سان تعزيت ڪئي
لاڙڪاڻو/جيڪب آباد- 13 اپريل (اي پي پي) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جکراڻي هائوس جيڪب آباد پهچي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جکراڻي هائوس پهچي قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز جکراڻي سان سندس والد مير احمد نواز المعروف بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري مرحوم بابل خان جکراڻي جي پٽن خالد خان جکراڻي ۽ آزاد جکراڻي سان پڻ تعزيت ڪئي ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ هجڻ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ممتاز جکراڻي سميت سمورن وارثن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي سياسي ۽ عوامي خدمتن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو. هن مرحوم بابل خان جکراڻي جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا پڻ گهري. تعزيت جي موقعي تي ساڻس گڏ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين جوڻيجو ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاهه، ايم پي اي جميل احمد سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.












