اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمنٽ جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد گوجرانواله ايڪسپو 2026ع جو دورو ڪيو. هن مختلف اسٽالز جو جائزو ورتو ۽ گوجرانواله جي صنعتڪارن ۽ واپارين سان ملاقات ڪئي جڏهن ته قومي معيشت ۾ سندن ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گهرجي ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو گوجرانواله ايڪسپو 2026ع جو دورو
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمنٽ جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد گوجرانواله ايڪسپو 2026ع جو دورو ڪيو. هن مختلف اسٽالز جو جائزو ورتو ۽ گوجرانواله جي صنعتڪارن ۽ واپارين سان ملاقات ڪئي جڏهن ته قومي معيشت ۾ سندن ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گهرجي ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪري ته جيئن سندن قيادت ۾ خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي عالمي سطح تي تسليم ڪري سگهجي. هن چيو ته تازو ئي ايران – آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جو سهولتڪار جو ڪردار ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي حيثيت ۽ اعتماد جوڳي ملڪ طور اڀري رهيو آهي، هي پاڪستان لاءِ فخر جو لمحو آهي، هڪ ذميوار ۽ امن پسند ملڪ طور اسان جو ڪردار عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. هن 1971ع ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪردار کي به ياد ڪندي چيو ته اهڙا قدم اڄ به پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهن. معاشي صورتحال تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان لاءِ نمايان معاشي فائدن جو سبب بڻجندو، ملڪ هاڻي قرضن بجاءِ سيڙپڪاري جي بنياد تي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته چين ۽ سعودي عرب جي وڏين ڪمپنين پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۾ توسيع ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حافظ الدين ايڊووڪيٽ به ساڻس گڏ موجود هو.












