اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چلاس جي علائقي ۾ آفيم جي پوکي ختم ڪندڙ پوليس ٽيم تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ 3 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير زخمي ڊي ايس پي ۽ ٻين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي چلاس جي علائقي ۾ پوليس ٽيم تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چلاس جي علائقي ۾ آفيم جي پوکي ختم ڪندڙ پوليس ٽيم تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ 3 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير زخمي ڊي ايس پي ۽ ٻين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته شهيدن جي عظيم قرباني کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.












