اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي دوران اضافي جو رجحان رهيو. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ مطابق 9 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1567 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 5.32 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ملڪ جي اترئين …
ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي دوران اضافو رڪارڊ
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي دوران اضافي جو رجحان رهيو. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ مطابق 9 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي قيمت 1567 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 5.32 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيميٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1487 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 9 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ريٽيل قيمت 1533 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 2.06 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي دوران ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ريٽيل قيمت 1502 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1541، راولپنڊي 1522، گوجرانوالا ۾ 1600، سيالڪوٽ ۾ 1600، لاهور 1612، فيصل آباد 1490 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري قيمت 1418، حيدرآباد 1550، سکر 1600، لاڙڪاڻو 1507، ڪوئيٽا 1490 ۽ خضدار ۾ 1633 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.












