عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو، سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ سومر ڏينهن اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 6.60 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 101.80 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي مستقبل جا سودا 7.12 سيڪڙو جي اضافي سان 103.69 ڊالر ۾ طئي ٿيا. عرب لائيٽ ڪروڊ جا سودا 0.47 سيڪڙو جي اضافي سان …

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ سومر ڏينهن اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 6.60 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 101.80 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي مستقبل جا سودا 7.12 سيڪڙو جي اضافي سان 103.69 ڊالر ۾ طئي ٿيا. عرب لائيٽ ڪروڊ جا سودا 0.47 سيڪڙو جي اضافي سان 113.25 ڊالر ۽ ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ جا سودا 0.40 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 101.03 ڊالر ۾ طئي ٿيا. ٻئي پاسي سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ في اونس سون جي قيمت 4739 رپيا ٿي وئي، چاندي جي قيمت 0.88 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 74.74 ڊالر ٿي وئي. ان جي ابتڙ ڪڻڪ جي مستقبل جا سودا 1.22 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 577.98 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا، ڪوئلي جي قيمت ۾ 0.44 سيڪڙو جڏهن ته سويابين آئل جي قيمت ۾ 0.27 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.