اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته ٻنپهرن دوران وچولي/ ڏکڻ علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته ڏکڻ علائقن ۾ موسم گرم رهي. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي، شهيد بينظير آباد ۾ 44، دادو ۽ ٽندو ڄام …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته ٻنپهرن دوران وچولي/ ڏکڻ علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته ڏکڻ علائقن ۾ موسم گرم رهي. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي، شهيد بينظير آباد ۾ 44، دادو ۽ ٽندو ڄام ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












