لاهور- 13 اپريل (اي پي پي) ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي انتظام هيٺ ويساکي ميلو ۽ 327هون خالصه جنم ڏينهن جي تقريبن جي سلسلسلي ۾ ڀارتي سک ياترين پاڪستان جي دوري جي چوٿين ڏينهن گورودواره پنجه صاحب حسن ابدال ۾ مذهبي رسمون ادا ڪيون. بورڊ جي ترجمان مطابق ويساکي ميلي جي مرڪزي تقريب 14 اپريل تي ٿيندي. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين قمرالزمان جي هدايتن تي ياترين کي بهترين سهولتون …
ويساکي ميلي جي مرڪزي تقريب اڱاري ڏينهن ٿيندي
لاهور- 13 اپريل (اي پي پي) ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي انتظام هيٺ ويساکي ميلو ۽ 327هون خالصه جنم ڏينهن جي تقريبن جي سلسلسلي ۾ ڀارتي سک ياترين پاڪستان جي دوري جي چوٿين ڏينهن گورودواره پنجه صاحب حسن ابدال ۾ مذهبي رسمون ادا ڪيون. بورڊ جي ترجمان مطابق ويساکي ميلي جي مرڪزي تقريب 14 اپريل تي ٿيندي. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين قمرالزمان جي هدايتن تي ياترين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز ناصر مشتاق مطابق سيڪيورٽي، رهائش ۽ طبي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته گورودواره پنجه صاحب کي خوبصورت روشنين سان سجايو ويو آهي. گوردواره پنجه صاحب ۽ ان جي چئني پاسي سيڪيوري هاءِ الرٽ آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميه، پوليس، صحت کاتو ۽ ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جا آفيسر ياترين جي خدمت ۾ مصروف آهن.












