لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ طرفان سکر ضلعي ۾ پري رين فلڊ ماس ويڪسين مهم جاري

سکر- 13 اپريل (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ طرفان سکر ضلعي ۾ پري رين فلڊ ماس ويڪسين مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي سکر جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر رفيق احمد گلال پهرين اپريل کان 11 اپريل تائين مهم بابت رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير جي هدايتن تحت سکر ۾ جانورن جي ويڪسينيشن مهم دوران 29 هزار 900 …

سکر- 13 اپريل (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ طرفان سکر ضلعي ۾ پري رين فلڊ ماس ويڪسين مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي سکر جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر رفيق احمد گلال پهرين اپريل کان 11 اپريل تائين مهم بابت رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير جي هدايتن تحت سکر ۾ جانورن جي ويڪسينيشن مهم دوران 29 هزار 900 سئو وڏن جانورن، 18036 ننڍڙن جانورن کي چوماسي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ کان اڳ ويڪسين ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 259 جانورن جو علاج معالجو ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت 459 جانورن کي پيٽ جي جيتن کان بچاءُ جي دوا پياري وئي آهي، جڏهن ته 11 ڏينهن اندر مجموعي طور تي 48654 ننڍڙن ۽ وڏن جانورن کي ويڪسين ۽ علاج معالجي جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر رفيق احمد گلال ٻڌايو ته چوماسي برساتن، امڪاني ٻوڏ کان اڳ سنڌ حڪومت ۽ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ جي هدايت تحت لائيو اسٽاڪ کاتي سکر طرفان ويڪسين مهم کي موثر بڻايو ويو آهي ۽ سمورن مالوندن جي جانورن کي مفت ويڪسين ڪئي پئي وڃي. هن مالوندن کي اپيل ڪئي ته پنهنجي مال کي مختلف موسمي بيمارين کان بچاءُ لاءِ وڌ ۾ وڌ ويڪسين ڪرائن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جانورن کي ويڪسين لاءِ مهم دوران ضلعي ۾ موجود 12 لک جانورن کي ويڪسين ڪئي ويندي.