سکر- 13 اپريل (اي پي پي) سکر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪامران ميراڻي اروڙ جي جبلن تي پيرا گلائيڊنگ ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو موجب ڪامران ميراڻي ايڊوينچر اسپورٽس جي شوق کي اڳتي وڌائيندي اروڙ جي خوبصورت ۽ بلند جابلو سلسلي تان ڪامياب پيرا گلائيڊنگ ڪئي، جنهن کي علائقي ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ همٿ افزا قدم قرار ڏنو پيو وڃي. ان …
سکر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪامران ميراڻي اروڙ جي جبلن تي پيرا گلائيڊنگ ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

مزید خبریں
سکر- 13 اپريل (اي پي پي) سکر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪامران ميراڻي اروڙ جي جبلن تي پيرا گلائيڊنگ ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو موجب ڪامران ميراڻي ايڊوينچر اسپورٽس جي شوق کي اڳتي وڌائيندي اروڙ جي خوبصورت ۽ بلند جابلو سلسلي تان ڪامياب پيرا گلائيڊنگ ڪئي، جنهن کي علائقي ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ همٿ افزا قدم قرار ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي مقامي ماڻهو به موجود هئا، جن پنهنجي اکين سان هي شاندار ڪارنامو ڏٺو ۽ نوجوان جي مهارت، بهادري ۽ جذبي کي ساراهيو.











