آسٽريلوي وزيراعظم اڱاري کان برونائي ۽ ملائشيا جو 4 ڏينهن جو دورو ڪندو

ڪينبرا- 13 اپريل (اي پي پي) آسٽريليا جو وزيراعظم انٿوني البانيز اڱاري کان برونائي ۽ ملائشيا جو 4 ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي ته هو ۽ سندس پرڏيهي وزير پيني وونگ برونائي ۽ ملائشيا جي دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي اختيارين سان ٻارڻ ۽ ٻين اهم شين جي فراهمي تي ڳالهيون ڪندا. هن چيو ته خطي جي اهم شراڪتدارن سان رابطو …

ڪينبرا- 13 اپريل (اي پي پي) آسٽريليا جو وزيراعظم انٿوني البانيز اڱاري کان برونائي ۽ ملائشيا جو 4 ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي ته هو ۽ سندس پرڏيهي وزير پيني وونگ برونائي ۽ ملائشيا جي دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي اختيارين سان ٻارڻ ۽ ٻين اهم شين جي فراهمي تي ڳالهيون ڪندا. هن چيو ته خطي جي اهم شراڪتدارن سان رابطو وڌائڻ سان وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب پيدا ٿيل عالمي غير يقيني صورتحال دوران آسٽريليا جي توانائي سپلائي کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. البانز چيو ته اسان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اهم شراڪتدارن سان رابطو رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ته جيئن ٻارڻ جي فراهمي جاري رکي سگهجي. برونائي ۽ ملائشيا گڏجي آسٽريليا جي ڀاڻ ۾ استعمال ٿيندڙ يوريا جي آمدني واپار جو اٽڪل 21 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ملائيشيا آسٽريليا کي ريفائنڊ فيول فراهم ڪندڙ ٽيون وڏو ملڪ آهي. اهو دورو هلندڙ مهيني جي پهرين ڏينهن ۾ البانيز جي سنگاپور جي دوري بعد ٿي رهيو آهي. جتي هن سنگاپور جي وزيراعظم سان ٻارڻ ۽ قدرتي گيس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.