رام الله- 13 اپريل (اي پي پي) غزه مان زخمي ۽ بيمار فلسطينين جي طبي واپسي جو عمل هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) طرفان عارضي طور تي معطل ڪيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق رفع ڪراسنگ جي رستي مريضن جي منتقلي ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي. فلسطيني هلال احمر مطابق اها ڪارروائي ڊبليو ايڇ او ۽ لاڳاپيل اختيارين …
رفع بارڊر ذريعي زخمي فلسطينين جي واپسي ٻيهر شروع

مزید خبریں
رام الله- 13 اپريل (اي پي پي) غزه مان زخمي ۽ بيمار فلسطينين جي طبي واپسي جو عمل هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) طرفان عارضي طور تي معطل ڪيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق رفع ڪراسنگ جي رستي مريضن جي منتقلي ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي. فلسطيني هلال احمر مطابق اها ڪارروائي ڊبليو ايڇ او ۽ لاڳاپيل اختيارين جي تعاون سان انجام ڏني وئي. اداري ٻڌايو ته ان مرحلي ۾ 27 مريضن ۽ سندن سنڀال ڪندڙن کي غزه کان مصر منتقل ڪيو ويو. زخمين کي ڏکڻ غزه جي شهر خان يونس اسپتال کان ايمبولنسز ذريعي رفع بارڊر تائين پهچايو ويو. جتان کين پرڏيهه علاج لاءِ روانو ڪيو ويو. واضح رهي ته ڊبليو ايڇ او 6 اپريل تي هڪ فلسطيني اهلڪار جي فوتگي بعد واپسي جو عمل روڪي ڇڏيو هو. ياد رهي ته رفع ڪراسنگ غزه جي رهائشين لاءِ واحد زميني رستو آهي جنهن ذريعي اسرائيل کان گذرڻ کانسواءِ پرڏيهه وڃي سگهجي ٿو.











