پاپوانيوگني ۾ سامونڊي طوفان ميلا سبب 11 ڄڻا فوت

ميلبورن- 13 اپريل (اي پي پي) پاپوانيوگني جي علائقي بوگين ويل ۾ سامونڊي طوفان ميلا سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيشنل براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ٻڌايو ته سينٽرل بوگين ويل جي علائقي اسيڪوگان ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ سبب گهرن جي ملبي هيٺ 8 ڄڻا فوت، 2 عورتون وڻ ڪرڻ سبب فوت ٿيون جڏهن ته لڳ ڀڳ 12 ڄڻا زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. …

ميلبورن- 13 اپريل (اي پي پي) پاپوانيوگني جي علائقي بوگين ويل ۾ سامونڊي طوفان ميلا سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيشنل براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ٻڌايو ته سينٽرل بوگين ويل جي علائقي اسيڪوگان ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ سبب گهرن جي ملبي هيٺ 8 ڄڻا فوت، 2 عورتون وڻ ڪرڻ سبب فوت ٿيون جڏهن ته لڳ ڀڳ 12 ڄڻا زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. سامونڊي طوفان ميلا سولومن سمنڊ ۾ ڪيگري 5 جي شدت اختيار ڪئي هئي ۽ ان سبب اوڀر پاپوانيوگني ۽ سولومن ٻيٽ ۾ شديد ٻوڏ ۽ تباهي ٿي. پاپوانيوگني جي وزيراعظم جيمز ماراپي چيو آهي ته حڪومت، متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون آهن، جن ۾ متاثرن کي خوراڪ، صاف پاڻي، طبي سامان ۽ عارضي رهائش جي فراهمي شامل آهي.