پاڪستان وچ اوڀر جي بحران سبب پيدا ٿيل صورتحال کي بهتر انداز ۾ سنڀاليو: وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

بوسٽن- 13 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٻين ملڪن جي ابتڙ پاڪستان وچ اوڀر جي بحران سان پيدا ٿيل صورتحال کي بهتر انداز ۾ سنڀاليو ۽ ان دوران سخت سپلاءِ بحران پيدا ٿيو ۽ نه ئي امن امان جا مسئلا سامهون آيا، پاڪستان آئينده پرڏيهي ادائگيون وقت سر ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن اها ڳالهه هارورڊ يونيورسٽيءَ …

بوسٽن- 13 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٻين ملڪن جي ابتڙ پاڪستان وچ اوڀر جي بحران سان پيدا ٿيل صورتحال کي بهتر انداز ۾ سنڀاليو ۽ ان دوران سخت سپلاءِ بحران پيدا ٿيو ۽ نه ئي امن امان جا مسئلا سامهون آيا، پاڪستان آئينده پرڏيهي ادائگيون وقت سر ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن اها ڳالهه هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ”پاڪستان جي معاشي ايجنڊا- استحڪام، سڌارن ۽ اڳتي وڌڻ جي رستي“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي ڳالهين ۾ چئي. اها ويهڪ پاڪستان ڪانفرنس 2026ع جي سلسلي ۾ رٿي وئي. ويهڪ جا انتظام اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ڪيا، جڏهن ته معاشيات جي ناليوارن ماهرن پروفيسر عاطف ميان (پرنسٽن يونيورسٽي) نوبل انعام رکندڙ پروفيسر ڊيرون ايسيم اوغلو (ايم آءِ ٽي) پڻ پينل ۾ شامل هئا. ڳالهين ۾ ماهرن، پاليسي سازن ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاڪستان جي معاشي صورتحال، سڌارن بابت ترجيحن ۽ ڊگهي مُدي واري ترقيءَ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار تازن سالن ۾ عالمي معيشٽ لاءِ سڀ کان وڏن سپلاءِ لوڏن مان هڪ آهي، جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ محتاط ۽ متوازن پاليسي سازي ضروري آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ حڪومت جي فوري ترجيح اها رهي ته محدود ذخيرن باوجود اهم شعبن کي توانائيءَ جي لڳاتار فراهمي يقيني بنائي وڃي، جنهن لاءِ مختلف وزارتن ۽ ادارن گڏيل ڪوششون ڪيون. هن چيو ته شروعات ۾ حڪومت عوام کي وڌندڙ توانائي جي قيمتن کان بچائڻ لاءِ عمومي سبسڊي ڏني، جنهن کان پوءِ مالي گنجائش موجب هدفي سبسڊي ۽ مڪمل قيمتن جي منتقليءَ جي پاليسيءَ ۾ تبديلي ڪئي وئي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته پاڪستان ان صورتحال کي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر انداز ۾ سنڀاليو ۽ نه ئي سخت سپلاءِ بحران ٿيو ۽ نه ئي امن امان جا مسئلا سامهون آيا. پرڏيهي مالياتي صورتحال تي ڳالهائيندي سينيٽر محمد اورنگزيب قرضن جي اثرائتي انتظامن تي روشني وجهندي چيو ته تازو ئي يورو بانڊ جي ادائيگي هڪ معمول جو معاملو ثابت ٿي. هن اعتماد ظاهر ڪيو ته پاڪستان آئينده پرڏيهي ادائگين کي به وقت سر ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ناڻي واري وزير بحران دوران پيل ٿيل موقعن جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته ڪراچي بندرگاهه تي ٽرانزٽ واپار ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جيڪا ڪجهه هفتن ۾ 2025ع جي پوري سال جي ڳاڻيٽي کان مٿي چڙهي وئي، جڏهن ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل طور تي فعال بنائڻ طرف اڳڀرائي جاري آهي. هن ٻُڌايو ته مارچ ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ تحت رڪارڊ رقم حاصل ٿي، جيڪا پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وڌندڙ اعتماد جي نشاندهي ڪري ٿي. گڏوگڏ هن واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ ناڻي واڌ اهم آهي، پر اها ڊگهي مُدي واري ترقيءَ جو مستقل حل نٿي بڻجي سگهي. ان لاءِ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ وڌيڪ پائيدار رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سڌارن جو ”ڇا“ ۽ ”ڇو“ جي ته هميشه ڄاڻ رهي آهي پر اصل مسئلو ”ڪيئن“ جو آهي، يعني وقت سر فيصلا ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ. هن چيو ته ڏُکين پر ضروري فيصلن ۾ دير ماضيءَ ۾ ترقيءَ کي متاثر ڪيو ۽ ملڪ کي بار بار آءِ ايم ايف پروگرامز طرف وڃڻو پيو. ناڻي واري وزير ڍانچه جاتي سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته حڪومت ٽيڪس نظام کي بهتر بنائڻ، ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ واڌ ڪرڻ تي ڪم رهي آهي. هن ان سلسلي ۾ ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ڊجيٽلائزيشن، پاڻڀرو نظام ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل طريقيڪار شامل آهي ته جيئن انساني مداخلت گهٽ ٿئي ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صنعت لاءِ لڳاتار سبسڊي ڏيڻ بدران چٽاڀيٽي ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ هن تازو ئي واپاري سڌارن، خاص ڪري ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ کي عالمي مارڪيٽ کان بهتر لاڳو ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي جي وڌندڙ استعمال جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته شمسي توانائي جي پيداوار اٽڪل 8 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، جنهن تازو ئي عالمي لوڏن دوران معيشت کي سهارو ڏنو. هن آئينده ڏهاڪن ۾ تجديد جوڳي توانائي جي حصي ۾ نمايان واڌ ڪرڻ جي عزم کي ظاهر ڪيو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته اسان سڌارن وارن قدمن ۾ چئني صوبائي اسيمبلين مان زرعي آمدني ٽيڪس جو قانون منظور هئڻ ۽ سرڪاري ادارن کي نجڪاري ۽ نئين سر تنظيم شامل آهن، جن تحت 28 سرڪاري ادارن کي نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن مالي بار گهٽ ۽ حڪمراني بهتر ٿئي. ايندڙ چئلينجز تي ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي کي ٻه وڏا مسئلا قرار ڏيندي چيو ته جٽادار معاشي ترقي اُن وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ تي ضابطو نه آندو وڃي ۽ موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مضبوط حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وڃي. هن تسليم ڪيو ته ريگيوليٽري سڌارن ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اها حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهي ڳالهيون عالمي ماهرن ۽ لاڳاپيل حلقن سان رابطن جو هڪ اهم موقعو ثابت ٿيون، جيڪو پاڪستان جي معاشي مستقبل جي حوالي سان شفافيت، سڌارن ۽ هاڪاري ڳالهين جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.