ڊجيٽل خليج گهٽ ڪرڻ لاءِ اسپيشل ڪميونيڪشن آرگنائزيشن جو اهم قدم، افتخار آباد بمبر ۾ 4 جي سروسز متعارف

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) اسپيشل ڪميونيڪشن آرگنائزيشن (ايس سي او ) افتخار آباد، بمبر ، آزاد ڪشمير ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن سروسز 2 جي کان هاءِ اسپيڊ 4 جي تي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو. 4 جي اپگريڊيشن سان صارفين کي هموار ڪنيڪٽويٽي، تيز رفتار ڊيٽا سروس ۽ مضبوط سگنلز دستياب ٿيندا. ايس سي او طرفان فراهم ڪيل جديد 4 جي سروسز ذريعي شاگردن، ڪاروباري ماڻهن ۽ عام صارفين …

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) اسپيشل ڪميونيڪشن آرگنائزيشن (ايس سي او ) افتخار آباد، بمبر ، آزاد ڪشمير ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن سروسز 2 جي کان هاءِ اسپيڊ 4 جي تي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو. 4 جي اپگريڊيشن سان صارفين کي هموار ڪنيڪٽويٽي، تيز رفتار ڊيٽا سروس ۽ مضبوط سگنلز دستياب ٿيندا. ايس سي او طرفان فراهم ڪيل جديد 4 جي سروسز ذريعي شاگردن، ڪاروباري ماڻهن ۽ عام صارفين فائدو حاصل ڪري سگهندا. علائقي واسين 4 جي اپ گريڊيشن ۽ جديد سهولت جي فراهمي تي ايس سي او ۽ ڊي جي ايس سي او جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته 2 جي سروس سبب اسان کي انٽر نيٽ جي استعمال ۽ آن لائن ڪم ڪرڻ ۾ شديد مشڪلاتون پيش اينديون هيون. گهٽ رفتار انٽرنيٽ سبب اسان جون ڊيجيٽل سروسز گهڻيون متاثر ٿينديون هيون. ڪم ۾ دير ۽ رڪاوٽون معمول جو حصو هيون. هن چيو ته تيز رفتار انٽر نيٽ سبب اسان جو آن لائن ڪم وڌيڪ اثرائتو، سڌي ريت ۽ وقت تي مڪمل ٿي رهيو آهي.