سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم شروع

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي وئي آهي، مهم دوران 5 سال کان ننڍي عمر جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. وزيراعظم جي پوليو جي روڪٿام واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم 13 کان 19 اپريل تائين جاري …

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي وئي آهي، مهم دوران 5 سال کان ننڍي عمر جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. وزيراعظم جي پوليو جي روڪٿام واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم 13 کان 19 اپريل تائين جاري رهندي، مهم دوران 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندا. مهم دوران وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به فراهم ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ گذريل سال دوران پوليو جا 31 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال هاڻي تائين سنڌ جي ضلعي سجاول مان هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو جي خاتمي جي ويجهو آهي جڏهن ته اهو مرحلو سڀ کان وڌيڪ اهم به آهي. پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا سڄي عمر جي معذوري جو سبب بڻجي ٿي ۽ ان جو ڪو علاج ناهي، پر ان کان بچاءَ ممڪن آهي. هن چيو ته ويڪسينيشن ئي پوليو جي خاتمي جو محفوظ ۽ موثر طريقو آهي. هن، والدين کي اپيل ڪئي ته هو ويڪسينيشن ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ هر مهم دوران پنهنجي 5 سال کان ننڍي عمر جي ٻارن کي لازمي طور تي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين.