لاڙڪاڻو ۾ ڪلاڪار ايوارڊ تقريب، سنڌ جي 60 مشهور فنڪارن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي ايوارڊز سان نوازيو ويو

لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڪلاڪار ايوارڊ 2026ع جي تقريب “موئن جو دڙو پروڊڪشن” طرفان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي سهڪار سان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ذوالفقار علي ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي 60 مشهور فنڪارن، ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج جي فنڪارن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي …

لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڪلاڪار ايوارڊ 2026ع جي تقريب “موئن جو دڙو پروڊڪشن” طرفان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي سهڪار سان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ذوالفقار علي ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي 60 مشهور فنڪارن، ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج جي فنڪارن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي ڪلاڪار ايوارڊز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ شاعر ۽ اديب عزيز قاسماڻي، جواد جعفري، شاعره خالده سحر، نديم اختر سومرو (فوٽوگرافر اي پي پي لاڙڪاڻو ۽ چيئرمين فوٽوگرافي/ڊاڪيومينٽري ڊپارٽمينٽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو)، سيد نثار شاهه، سانوري فَلڪ، ريما ناز، سانول ميرالي، همير خان گڊ، عبدالستار ابڙو، سجده بتول، سجاد سومرو، سهراب گوپانگ، شمس پريمي، ريڊيو پاڪستان جو پروگرام مئنيجر علي مهر، پروڊيوسر بهادر مهر، سهراب گوپانگ، لالا رفيق، منظور سيتائي، عبدالفتاح چنا، صحافي راشد سمون، وقار سمون، سيد مشتاق بخاري، اداڪار امجد گل سومرو، منظور آڪاش، استاد گل دايو، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، سيما چانڊيو، علي امجد ابڙو، ابي بوس، ثانيه بلوچ، سليم چنا، نثار مغيري، صدام کھڙو، روشن ٽوٽاڻي، سيٽ ڊيزائنر گلاب شاهاڻي، اسٽيج سيڪريٽري ايڊووڪيٽ قدير پيارل ڊومڪي، جميل احمد ڀٽو، عمران نذير، اداڪار ظفر کوکر، عبدالهادي بگٽي، فياض لاشاري، راشد چانڊيو، ڊرامه چيئرمين علي روشن شيخ، ذوالفقار بڙدي، اسحاق، سرتاج جاگيراڻي، رياض مَهيسر، جاويد بلوچ، عاشق مگسي، فيروز احمد ۽ وائيس چيئرمين پريس اينڊ پبلسٽي ناصر محمد شامل هئا.  پروگرام جي مهماننِ خاص ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جو صدر ۽ وزير اعلي سنڌ جو معاون خاص خير محمد شيخ، آصف شاهاڻي، شهري اتحاد لاڙڪاڻي جو صدر نياز حسين ابڙو، مريد ڪاڪراڻي، ايڊووڪيٽ عبدالستار هَليو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي عشر ۽ زڪوات ڪميٽي جو چيئرمين منير احمد شيخ شامل هئا. تقريب کي خطاب ڪندي خير محمد شيخ چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو اسان جي قائد شهيد بينظير ڀٽو طرفان عوام کي ڏنل هڪ تحفو آهي، هن چيو ته هتي هرڪو پنهنجا پروگرام ڪندو آهي ۽ لاڙڪاڻي جي شهرين کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي. موئن جو دڙو پروڊڪشنز جو سي اي او فدا حسين ملاڻو چيو ته هو سدائين سنڌ جي مشهور اداڪارن ۽ ٻين شخصيتن کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊ ڏيندا رهيا آهن. تقريب ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي عهديدارن سيد جاويد شاهه، اختر پيا، عاشق دايو، علي روشن شيخ، نثار مغيري ۽ ايوب گاد، سينيئر فنڪار احمد پٺاڻ، بدر سومرو، نصير کھاوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته فنڪارن سُهڻي ناز، جگر جلال ۽ فدا کوکر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.