صوبائي (محتسب) اعلي’ سنڌ لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي پاران 16 اپريل صبح جو 11 وڳي کُلي ڪچهري منعقد ڪئي ويندي

لاڙڪاڻو-13 اپريل (اي پي پي) صوبائي (محتسب) اعلي' سنڌ لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن جي پگھارن، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻين رهتن جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻي ۾ هڪ کلي ڪچهري تاريخ 16 اپريل 2026ع تي صبح جو 11 وڳي منعقد ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن کي …

لاڙڪاڻو-13 اپريل (اي پي پي) صوبائي (محتسب) اعلي’ سنڌ لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن جي پگھارن، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻين رهتن جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻي ۾ هڪ کلي ڪچهري تاريخ 16 اپريل 2026ع تي صبح جو 11 وڳي منعقد ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو کلي ڪچهري ۾ حاضر ٿي پنهنجا مسئلا پيش ڪن. کلي ڪچهري جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان سلسلي ۾ آفيس ٻاهران آگاهي ڏيڻ لاءِ بئنر پڻ لڳايو وڃي.