پاڪستان جنگبندي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جنگبندي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. اها ڳالهه هن جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جنگبندي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. اها ڳالهه هن جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جنگبندي ۽ ڳالهه ٻولهه جي انعقاد ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي ساراهيو. هن امن قائم ڪرڻ جي عمل جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان کي علائقائي استحڪام ۽ عالمي توانائي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو. وزيراعظم جاپاني هم منصب جي نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا ادا ڪندي چيو ته هو آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تفصيلي ڳالهه ٻولهه تي ٿورائتو آهي ۽ پاڪستان جنگبندي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن کي جاپاني وزيراعظم پڻ ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.