اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگري جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيٽر ماجار کي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان هنگري سان پنهنجن ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان مستقبل ۾ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. واضح رهي ته پيٽر ماجار جي پارٽي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران هنگري جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيٽر ماجار کي مبارڪباد
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگري جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيٽر ماجار کي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان هنگري سان پنهنجن ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان مستقبل ۾ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. واضح رهي ته پيٽر ماجار جي پارٽي عام چونڊن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ سندس وزيراعظم چونڊجڻ جا چٽا امڪان آهن.












