آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جامع ۽ تعميري ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا، ضروري آهي ته ٻئي ملڪ جنگبندي جاري رکڻ جي عزم تي قائم رهن، اميد آهي ته ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ مثبت سوچ سان اڳتي وڌندا: اسحاق ڊار

اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جامع ۽ تعميري ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا، 24 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڳالهيُون اڄ صبح جو ختم ٿيُون، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏجي ڳالهين جي ڪيترن ئي دورن ۾ سهولت فراهم ڪئي، وزيراعظم جنگبندي جي درخواست قبُول ڪرڻ ۽ مثبت ردعمل ڏيڻ تي آمريڪا …

اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جامع ۽ تعميري ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا، 24 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڳالهيُون اڄ صبح جو ختم ٿيُون، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏجي ڳالهين جي ڪيترن ئي دورن ۾ سهولت فراهم ڪئي، وزيراعظم جنگبندي جي درخواست قبُول ڪرڻ ۽ مثبت ردعمل ڏيڻ تي آمريڪا ۽ ايران جو ٿورائتو آهي، اهو ضروري آهي ته ٻئي ملڪ جنگبندي جاري رکڻ جي عزم تي قائم رهن، اميد آهي ته ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ مثبت سوچ سان اڳتي وڌندا، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطي ۽ ڳالهين جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار آچر ڏينهن هتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين بابت ميڊيا بريفنگ ۾ ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي درخواست تي آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ ٻنهي مُلڪن جا وفد پاڪستان آيا ۽ ڳالهين ۾ حصو ورتو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي درخواست تي مثبت ردعمل ڏيندي جنگبندي جي درخواست ۽ اسلام آباد اچڻ جي دعوت قبول ڪرڻ تي ٻنهي مُلڪن جا ٿورا مڃيُون ٿا. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ 24 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڳالهيُون اڄ صبح ختم ٿيُون. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جامع ۽ تعميري ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا. مون ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڳالهين جي عمل ۾ مدد ڪئي. ڌرين پاران پاڪستان جي مثبت ڪردار جي اعتراف تي ٿورائتا آهيُون. اهو ضروري آهي ته ٻئي ملڪ جنگ بندي جاري رکڻ جي عزم تي قائم رهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ مثبت سوچ سان اڳتي وڌندا. پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.