اسلام آباد-12 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني خلائي اڏام جو عالمي ڏينهن ڪالهه ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سائنس جي ترقي، انساني تجسس ۽ تحقيق ۽ ڪائنات کي سمجهڻ وارين ڪوششن جو اعتراف آهي. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ انساني خلائي اڏام جو ڏينهن يوري گاگرين جي پهرين خلائي سفر جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جيڪو هن 12 اپريل 1961ع تي …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني خلائي اڏام جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
اسلام آباد-12 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني خلائي اڏام جو عالمي ڏينهن ڪالهه ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سائنس جي ترقي، انساني تجسس ۽ تحقيق ۽ ڪائنات کي سمجهڻ وارين ڪوششن جو اعتراف آهي. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ انساني خلائي اڏام جو ڏينهن يوري گاگرين جي پهرين خلائي سفر جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جيڪو هن 12 اپريل 1961ع تي ڪيو هو ۽ روس جي خلاباز ووستوڪ ون ذريعي پهريون ڀيرو خلا ۾ اڏام ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ 48 منٽن ۾ زمين جو چڪر مڪمل ڪيو. واضع رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، روس جي خلا باز جي تاريخي ڪارنامي جي اعتراف ۾ اپريل 2011ع ۾ فيصلو ڪيو ته هر سال 12 اپريل تي انساني خلائي اڏام جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو. عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته برنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويا.












