اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران 18.31 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن جولاءِ 2025ع کان فيبروري 2026ع دوران شعبي جون خدمتون 6.46 ارب ڊالر تائين پهچي ويون جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان فيبروري 25-2024ع دوران خدمتن جي شعبي …
خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ 18.31 سيڪڙو اضافو
اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران 18.31 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن جولاءِ 2025ع کان فيبروري 2026ع دوران شعبي جون خدمتون 6.46 ارب ڊالر تائين پهچي ويون جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان فيبروري 25-2024ع دوران خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار مان 5.46 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ هلندڙ مالي سال جي سروعاتي 8 مهينن ۾ خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ 18 سيڪڙو کان وڌيڪ جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.












