اين ڊي ايم اي جو مختلف علائقن ۾ برسات جو الرٽ جاري، شهرين کي چوڪس رهڻ جي اپيل

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر منيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ پنجاب ۾ 12 کان 17 اپريل تائين برساتن جو الرٽ جاري ڪندي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ، محتاط رهڻ ۽ متوقع موسم لاءِ تيار رهڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي پاران ميڊيا لاءِ جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ويو آهي جابلو علائقن …

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر منيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ پنجاب ۾ 12 کان 17 اپريل تائين برساتن جو الرٽ جاري ڪندي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ، محتاط رهڻ ۽ متوقع موسم لاءِ تيار رهڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي پاران ميڊيا لاءِ جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ويو آهي جابلو علائقن ۾ ان دوران آنڌاري ۽ ڳڙو پوڻ سان گڏو گڏ برفباري به متوقع آهي جڏهن ته ان دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد گرمي جي لهر برقرار رهندي. اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن مري، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، گجرات، سيالڪوٽ، لاهور، ميانوالي ۽ منڊي بهاالدين ۾ 13 کان 17 اپريل تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. خيبرپختونخوا ۾ گجگوڙ، کنوڻ ۽ آنڌاري سان چترال، دير، سوات، شانگله، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ هري پور جهڙا ضلعا متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. انهن علائقن ۾ عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صوابي، چارسده، مردان، نوشهره، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون ۽ ڊي آءِ خان ۾ تيز هوائن ۽ ڳڙو پوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. اسڪردو، هنزه، گلگت، استور، ديامر، غذر، مظفر آباد، باغ، راولاڪوٽ، حويليان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ نيلم وادي ۾ به برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته عوام کي انهن علائقن ۾ ڇپون ڪرڻ ۽ روڊن جي رڪاوٽن کان محتاط رهڻ گهرجي.